ڪنڌڪوٽ ھندو پئچائت جي سڏ تي سنگرار واسي معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي سماجي اسڪولي ٻارن جو پريس ڪلب آڏو ڊاڪٽر میھرچند

ڪنڌڪوٽ ھندو پئچائت جي سڏ تي سنگرار واسي معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي سماجي اسڪولي ٻارن جو پريس ڪلب آڏو ڊاڪٽر میھرچند، فقير گوڪل داس، رام چند آريه، دليپ ڪمار ٺاڪر ۽ ٻين جي اڳواڻي م احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آھي انھي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي ٽي سال گذري چڪا آھن اڃان تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي پر پوليس انتظاميا ۽ حڪومت اگھور ننڊ ستل آھي اسان جو مطالبو آھي ته معصوم نياڻي کي ظالمن جي قيد کان فوري طور آزاد ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ پوري ملڪ اندر احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي