ڪنڌڪوٽ : ھڪ ھفتو اڳ اڻڄاتل ھٿياربندن ھٿان پنھنجي ڳوٺ غلام قادر شيخ کان غوثپور ايندي رستي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان

ڪنڌڪوٽ : ھڪ ھفتو اڳ اڻڄاتل ھٿياربندن ھٿان پنھنجي ڳوٺ غلام قادر شيخ کان غوثپور ايندي رستي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل پورھيت شاھد شيخ جي وارثن کي ڪچي جي ڏوھارين پاران ٻيھر ڏھ لک ڀنگ لا۽ فون ڪئي ويئي۔ اھڙي فون جي رڪارڊنگ اي ڊي اين نيوز جي ٽيم ھٿ ڪري ورتي آھي جنھن ۾ اغواڪار ٽولي جو ماڻھو سندس والد کي ٻيھر فون تي ڌمڪي ڏيندي چوي ٿو ته پنج ڏينھن اڳ مان توکي ڀنگ جي پئسن جو بندوبست ڪرڻ لا۽ چيو پر تون نه ڪيو ھاڻي آخري وارننگ ڏيانٿو ته ڀلي ڌرڻا ھڻين۔ وياج تي وٺين يا مائٽن مٽن کان پنين ڀنگ کانسوا۽ تنھنجو پٽ واپس نه ٿيندو۔ سو اھڙي آڊيو ٽيپ ٻيھر وائرل ٿيڻ کانپو۽ سندس گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ وارثن ۾ سخت خوف پکڙجي ويو۔ ٻئي پاسي ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو مغوي جي وارثن سان ملاقات ڪري کين ٽن ڏينھن اندر نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪراي آھي