ڪنڌڪوٽ ۾ سبزوئي برادري جو پريس ڪلب ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو پوليس ۽ ايس ايڇ اوجي زيادتين خلاف ڌرڻو عورتن ۽ ٻارڙن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ سبزوئي برادري جو پريس ڪلب ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو پوليس ۽ ايس ايڇ اوجي زيادتين خلاف ڌرڻو عورتن ۽ ٻارڙن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج خبرموجب ڪنڌڪوٽ پوليس ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ اومولابخش بگٽي اسان جي نوجوان مختيار سبزوئي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، مظاهرين چيوته ڪجھ ڏينهن پھريان به ان کي گرفتار ڪيائين ڪو به ڪيس نه ھجڻ ڪري 20 ھزار وٺي ورتا وارثن محمدشهبان ساجن خان ۽ مسمات لال زادي ميڊياسان ڳالهيندي چيوته اسان جي نوجوان کي ٻيھر گرفتار ۽ ڪوڙوڪيس داخل ڪيوآهي هاڻي وري ايس ايڇ اوبي سيڪشن ٻيهر 2 لک رشوت گھري رھيو آھي، هنن چيوته هو سهرياڻي برادري جي اغواٿي ويل ماڻهن جوڪوڙوڪيس داخل ڪيوويوآهي جڏهن ته اسين سهرياڻي برادري ڏي وياسين انهن چيوته اسان پوليس کي ڪونه چيوته هو مختيارمٿا ن ڪيس داخل ڪري اسان جوڪوبه واسطو نه آهي توهان ڪورٽ سڳوري ۾ به بيان ڏينداسين هنن وڌيڪ چيو ته ناجائزي ڪندي ڪوڙ ڪيس داخل ڪيوويوآهي
اسان غريب آهيون ڪٿان ايترا پئسا آڻيون جو پوليس کي ڏئي ان کي ڇڏرايون،وارثن پاران ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو