ڪنڌڪوٽ ۾ شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پي ٽي آئي ضلعي پاران پي ٽي آئي جي اڳواڻ عبدالعزیز سومرو، فتح محمد سبزوئي، دودو خان نندواڻي، خبيب سومرو، قاسم سبزوئي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاهرو ڪندڙ سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ھڪ سال پورو ٿي چڪو آهي پر سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس شھيد جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي پوليس قاتلن ۽ صحولت ڪارن کي گرفتار ڪري نه سگھي آهي مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان کان سو موٽو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو