“ڪنڌڪوٽ ۾ پاپوليشن کاتي جي ضلعي آفيسر انور ڦلپوٽو ۽ آڪائونٽن سرور بجاراڻي پاران ٽن مهينن جي آيل بجيٽ مبينا طور هڙپ ڪرڻ”

ڪنڌڪوٽ جي پاپوليشن کاتي ۾ پاپوليشن کاتي جي ضلعي آفيسر انور ڦلپوٽو / ۽ آڪائونٽن سرور بجاراڻي پاران ٽن مهينن جي آيل بجيٽ مبينا طور هڙپ ڪرڻ پاپوليشن کاتي کاتي ناهلي سبب ڪشمور ضلعي جي 14 سينٽر بند هجڻ واري خبر کي وائکو ڪرڻ بعد پاپوليشن کاتي جو ضلعي آفيسر انور ڦلپوٽو ۽ سرور بجاراڻي غوثپور پريس ڪلب جي صدر آواز ٽي وي نيوز جي رپورٽر مٿان ڏمرجي پيا ۽ قلم ڌڻي کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف غوثپور ۾ صحافي برادري جو طارق ڀيو / معيم باجڪاڻي / طارق ڀيو / حبيب الله بھلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي دولي چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڪنڌڪوٽ جي پاپوليشن کاتي جي ضلعي آفيسر انور ڦلپوٽو ۽ سرور بجاراڻي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي قلم ڌڻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته پاپوليشن کاتي م ٿيل ڪرپشن کي قلم ڌڻي برڪت ڀيو وائکو ڪيو ته بدمست آفيسر کين حق سچ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي موتمار ڌمڪيون ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪو هر گز برداشت ڪون ڪبو ويندو مظاهرو ڪندڙ قلم ڌڻين پاپوليشن کاتي جي سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي اسانجي احتجاج جو نوٽيس وٺي قومي خزاني کي لٽيندڙ پاپوليشن جي ضلعي آفيسر ۽ آڪائونٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري هڙپ ڪيل رقم واپس ڪرائي قلم ڌڻين مان ڳڻتي ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.