ڪنڌڪوٽ : 2 ھفتا اڳ غوثپور پوليس پاران مبينه مقابلي ۾ مارجي ويل 2 نوجوانن اسدﷲ شيخ ۽ مير شيخ جي وارثن کي پوليس بنا ايف آ۽ آر داخل ڪرڻ جي موٽائي ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ : ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،2 ھفتا اڳ غوثپور پوليس پاران مبينه مقابلي ۾ مارجي ويل 2 نوجوانن اسدﷲ شيخ ۽ مير شيخ جي وارثن کي پوليس بنا ايف آ۽ آر داخل ڪرڻ جي موٽائي ڇڏيو۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب مقتول اسد الله ۽ مير شيخ جي وارثن پاران سيشن ڪورٽ ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس خلاف انصاف لاءِ درخواست داخل ڪرائي ويئي ھئي. جنھن ۾ ڪالھ جوڊيشنل مئجسٽريٽ لکت ۾ فيصلو ڏنو ته ايس ايڇ او غوثپور احمد نواز جکراڻي۔ وڏو منشي عبدالله چنو ۽ ننڍو منشي بخت سومري سميت ستن ڄڻن خلاف ڪوڙو مقابلي ۾ ٻن نوجوانن کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي۔فريادي مقتولن جا وارث ڪورٽ جو ليٽر کڻي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ غوثپور ٿاڻي تي پھتا ته ٿاڻي جو ايس ايڇ او موڪل تي ھجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. غوثپور پوليس ٿاڻي جي منشي جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او موجود ناهي اسان ڪيس داخل نٿا ڪري سگهون جڏهن ايس ايڇ او اچي ته پوءِ ڪيس ڪنداسين. مقتولن جا وارث بنا ڪيس داخل ڪرائڻ جي واپس گھر موٽي ويا ۔