ڪنڌڪوٽ : 45 ڏينهن اڳ ڪشمور وچ شھر مان اغوا ٿي ويل ساگر ڪمار کي ايس ايس پي ڪشمور مير روحل کوسو بازياب ڪرائي ورتو آهي

ڪنڌڪوٽ : 45 ڏينهن اڳ ڪشمور وچ شھر مان اغوا ٿي ويل ساگر ڪمار کي ايس ايس پي ڪشمور مير روحل کوسو بازياب ڪرائي ورتو آهي ياد رهي ته 8 کان وڌيڪ ھٿياربند شھر ۾ داخل ٿيا هئا جيڪي ساگر ڪمار کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا هئا ڪشمور پوليس ليٽ پھچڻ سبب ڏوهاري واقعي واري هنڌ کان فرار ٿي ويا هئا ڏوهارين پاران ساگر ڪمار جي تشدد واري وڊيو پڻ وائرل ڪئي وئي هئي جنهن بعد ساگر ڪمار جي وارثن ڪشمور ڊيرا موڙ لڳ تاريخي ڌرڻو پڻ لڳايو ھو ياد رهي ته ايس ايس پي امجد شيخ 4 ڏينهن کان بعد وارثن سان مذاڪرات ڪرائي روڊ پڻ کولرايو هو پر ساگر ڪمار بازياب نه سگهيو هو ساگر ڪمار جي بازيابي هڪ امحتان بڻجي چُڪو هو هن وقت ايس ايس پي ڪشمور مير روحل کوسو ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ساگر ڪمار وارثن حوالي ڪيو ويو آهي وارثن ۽ ڪشمور واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي ويو آهي هن وقت ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو جا نعرا پڻ گھنجڻ لڳا ساگر ڪمار جي جيجل امڙ مير روحل کوسو کي دعائون پڻ ڏئي رهيو آهي