ڪنڌڪوٽ: ربيع الاول جو سموري مهيني ۾ ٻنهي جهانن جي سردار آقاء نامدار جي آمد جي خوشي ۾ عاشقان رسول پاران جهر جهنگ واهڻ وستي

ڪنڌڪوٽ: ماھ ربيع الاول جو سموري مهيني ۾ ٻنهي جهانن جي سردار آقاء نامدار جي آمد جي خوشي ۾ عاشقان رسول پاران جهر جهنگ واهڻ وستي ۾ آقا جي آمد جي سلسلي ۾ جشن عيد ميلادالنبيﷺ جا پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا ميلادالنبيﷺ  جي خوشي ۾  اي ڊي اين نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر عبدالخالق چاچڙ جشن عيدالميلاد نبي جو پروگرام منقد ڪيو ڳوٺ رئيس بھادر خان چاچڙ م اي ڊي اين نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر عبدالخالق چاچڙ الله داد شوڪت عبدالمالق چاچڙ عبدالغفار چاچڙ جونئر سبزل چاچڙ طرفان پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ اهلسنت و جماعت جي مشهور عالم دين ۽ سنڌ جي مشهور نعت خوانن وڏي تعداد م علائقي واسين شرڪت ڪئي پروگرام ۾ آيل مقررن سائين عبدالمجيد غفاري سائين محمد ابراھيم فيض پور نعت خوان الاهي بخش چاچڙ ۽ ٻين سرڪار جي سيرت مبارڪ تي روشني وجهندي چيو ته هيء ڪل ڪائنات خداوند ڪريم خلقي ئي حضور پاڪ ﷺ جنجي طفيلي آهي ۽ انجي آمد جي خوشي ڪرڻ وارا خوشنصيب آهي جن پروگرام ۾ خصوصي شرڪت ڪري خطاب فرمايو پروگرام ۾ سنڌ جي مشهور نعت خوانن ۽ ٻين حضور پاڪ ﷺجي شان ۾  نعتون پڙهي نظرانه عقيدت جا گل پيش ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا پروگرام ۾ آيل مهمانن ۽ سموري جماعت لاء لنگر جو پڻ خاص بندوبست ڪيو ويو هو پروگرام ۾ مختلف ڳوٺن مان سون جي تعداد ۾ آيل نبيء جا غلام هٿن ۾ ساوا جهنڊا کڻي مٿي تي دستارون ٻڌي يارسول الله ﷺ جا بيج هڻي پروگرام  ۾  پهتا ۽ پروگرام ۾ هر طرف مرحبا يا مصطفیٰﷺ مرحبا يارسول الله ﷺ ۽ سرڪار جي آمد مرحبا جا نعرا گوجندا رهيا