ڪنڌ ڪوٽ جي ملھير انڊس ھائي وي جي مقام تي پٺاڻ برادري پاران مغوي معصوم ٻارڙي جي بازيابي لاء وارثن پاران احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو ,ڌرڻي ۾ وارثن پاران انڊس ھائي وي تي ٽائر ساڙي ڪري روڊ کي بند ڪيو ويو جنھن سبب سنڌ , پنجاب , ۽ بلوچستان جي وڏي ٽريفڪ وڏي تعداد ۾ جام ٿي وئي جنھن سبب مسافرن کي تڪليف سان منھن ڏسڻو پيو ـ ان موقعي تي مغوي جي پي نور خان پٺاڻ چيو ته منھنجي معصوم پٽ کي ڇھ ڏينھن اڳ شام جو مغرب جي وقت ٻھ موٽر سائيڪل سوار ملھير روڊ تان منھنجي ڇھن سالن جي ٻارڙي اياز خان پٺاڻ کي اغوا ڪيو آھي , جنھن بعد مان پھنجي ٻارڙي کي ڌاڙيلن کان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھنن منھنجي ھڪ به نه ٻڌي ۽ منھنجي ٻار کي اغوا ڪري ويا ان ڪري اسان انڊس ھائي وي تي ڌرڻو ھڻي ڪري احتجاج ڪيوسي تڏھن ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي پاران ڇھ ڏينھن ۾ مغوي کي آزاد ڪرائڻ جو يقين ڏياريو ويو ,ھوڏانھن پوليس پاران ڪوڙي دلاسي ۾ اسان احتجاج ختم ڪيو سي ان ڪري اڄ ڇھ ڏينھن بعد به ٻيھر اسان احتجاجي ڌرڻو ھڻي ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ويو آھي ھن چيو ته اسان غريب ۽ محنت ڪش ماڻھو آھيون اسان پھنجي ٻچڙن جي گزر سفر لاء ڪپڙا ۽ ڪشمش وڪڙي ڪري گزارو ڪيون پيا, امن و امان جي بگڙندڙ صورت حال سان اسان جا ٻچڙا اغوا ٿيئن پيا جنھـن ڪري اسان غير محفوظ آھيون ان ڪري اس ھڪ ڀيرو ٻيھر احتاجي ڌرڻو ھڻي ڪري احتجاج ڪيون پيا ھنن چيو ته منھنجي ٻچڙي کي جلد بازياب ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ تيستائين اسان جو ڌرڻو جاري رھندو , آخري وقت تائين ڌرڻو جاري رھيو , ھوڏانھن پوليس پاران ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا , جڏھن ته ٽريفڪ جي وڏي قطار ۾ گاڏيون بيھجي ويون