ڪنڌ ڪوٽ سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء سڄي سنڌ جيان ڪنڌ ڪوٽ ۾ به جسقم پاران آفيس رسالدار روڊ کان پريس ڪلب تائين والي ڏنو سنڌي ـ بشام سنڌي ـ ڪامران بنگوار ـ رفيق لاشاري ـ امير بخش چاچڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاء سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌرتي امن پيار ۽ ڀائيچارو ڪندڙن جي ڌرتي آهي جتي اھڙا ظلم ستم معصوم ستن ورھين جي پريا ڪماري جيڪا ٽي سال اڳ اغوا ٿي ھئي جنهن کي پوليس ۽ وس وارا اڃا تائين واپس نه ڪرائي سگهي آھي نياڻي جي امڙ صدمي ۾ بيمار ٿي وئي آهي اسين ڌرتي ڌڻين تي ظلم ۽ ستم برداشت نه ٿا ڪري سگھون انھي ڪري روڊن رستن تي نڪتا آيون اسان جو ھڪ ھي مطالبو آهي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي ڏيو