ڪنڌ ڪوٽ: ماء جي ٿڃ جي اھميت بابت عالمي ھفتو ملايو پيو وڃي

ڪنڌ ڪوٽ: ماء جي ٿڃ جي اھميت بابت عالمي ھفتو ملايو پيو وڃي انھي حوالي سان آغا خان ۽ يونيسف جي طرفان ايم سي ايڇ کان مقبول احمد عباسي ـ گل محمد منگي ـ ڊاڪٽر مسڪان ـ ڊاڪٽر ڪلثوم ـ ڊاڪٽر فريدا جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي انھي موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ليڊي ڊاڪٽرياڻين ٻڌايو ته ماء جي ٿڃ ٻار جي سڀ کان وڌيڪ ۽ بھترين غذا آهي جنهن ڪري عورتون پنهنجي ٻار کي گھٽ ۾ گھٽ ٻن سالن کان ٿڃ ڏئي جنهن سان ٻار صحت مند ۽ طاقتور ٿيندو آهي جنهن ڪري شھري ۽ ٻھراڙي تائين ھي پيغام پھچائڻ لاء عالمي سطع تي ماء جي ٿڃ جي اھميت جي حوالي سان ھفتو ملائجي رھيو آهي ھي ضلعو پٺ تي پيل آهي جنهن ڪري اسان کي ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ ھي پيغام گھر گھر پھچائڻ گھرجي انھي حوالي سان اسين ريلي ڪڍي آهي اسان جي سينٽر تي ايندڙ عورتن کي مڪمل ڄاڻ به ڏني وڃي ٿي