تفصيل موجب ـ ڪنڌ ڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊگري ڪاليج پاڙي ۾ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري سينئير صحافي راجا گوپي چند جي گھر مان نامعلوم چور ڀاء رام چند ـ ڀائيٽيو ساگر ڪمار جون ٻھ موبائيل فونون ۽ گھر ۾ اٽڪل 25 ھزار کان وڌيڪ روڪ رقم چوري ڪري بي خوف واردات ڪري ھليا ويا اھڙي واقعي بعد اي سيڪشن پوليس ٿاڻي جو وڏو منشي غلام مصطفي بجاراڻي واقعي واري ھنڌ پھچي واردات جو معائنو ڪيو جنهن بعد صحافين جو صدر پير بخش بنگوار ـ جنرل سيڪريٽري راجا گوپي چند ـ حضور بخش منگي ـ احمد مغل اي سيڪشن ٿاڻي تي پھچي مڪمل تفصيل سان اين سي داخل ڪرائي موبائيلن جا ايمي نمبر سميت دٻا به ڏنا صحافي جي گھر مان چوري واقعي تي شھر جي سياسي سماجي ـ صحافي برادري پاران ڳڻتي جو اظھار ڪندي ظريت ساگر بجاراڻي ـ غلام مصطفي ميراڻي ـ ڪامريڊ عباس باجڪاڻي ـ وڪيل رئيس منور ڀٽو ـ وڪيل آفتاب ھيبت خان باجڪاڻي ـ شاھنواز مرھٽو ـ علي حسن ملڪ ـ ياسين لاشاري ـ لياقت علي کوسو ـ بقا محمد بنگوار ـ نصير منگي ـ فقير گوڪل داس سميت چيو ته شھر سميت ضلعي ۾ بدامني جي باھ تي پوليس ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري چور گھرن ۾ بي خوف ٿي داخل ٿين پيا ۽ وارداتون ڪن ٿا صحافين کي نشانو بڻايو ويو آهي پر پوليس صحافين کي ۽ سندس خاندان کي تحفظ ڌيڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي ٿي ڪجھ ڏينهن اڳ سرپرست اعلي گل محمد خان جکراڻي جي گھر آڳيان ڪار چور ڪاھي ويا ڪيترائي صحافي ۽ سندس خاندان جا فردن جون موبائيلون ڦر ٿي ويو چوري ٿي ويو پر پوليس ڪجهه نه ڪيو آهي ايس ايس پي بشير احمد بروھي واقعي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي چورن کي سوگھو ڪيو وڃي