ڪوئٽه ۾ ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ريلوي اختيارين موجب جعفر ايڪسپريس کي 9 وڳي پشاور جي لاءِ روانو ٿيڻو هو، ٽرين پليٽ فارم تي به نه لڳي هئي ته اوچتو ڌماڪو ٿي ويو، ڌماڪو ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر جي ڀرسان ٿيو آهي. ڪوئٽه جي ڪمشنر محمد حمزه شفقات تصديق ڪندي چيو آهي ته ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪو آپگهاتي هو، آپگهاتي بمبار سامان سميت ريلوي اسٽيشن ۾ داخل ٿيو، اهڙي ڪنهن به شخص کي روڪڻ مشڪل هوندو آهي جيڪو آپگهاتي حملي جي لاءِ ايندو آهي. يس ايس پي آپريشن موجب ڌماڪو انهي وقت ٿيو جڏهن مسافرن جو وڏو انگ پليٽ فارم تي موجود هو. ڌماڪي ۾ ريلوي پوليس جا 2 اهلڪار به زخمي ٿيا آهن جن ۾ هيڊ ڪانسٽيل غلام رسول جمالي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل ڀورل خان شامل آهن. ٻئي طرف سول اسپتال ڪوئٽه جي ڊاڪٽر نورالله موجب اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. طبي امداد جي لاءِ اضافي ڊاڪٽرز ۽ عملي کي طلب ڪيو ويو آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر عائشه فيض ڌماڪي ۾ عورت سميت 24 مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث عناصرن تائين پهچي چڪا آهيون، صوبي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري آهن. ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث دهشتگرد گرفتار ٿي چڪا آهن بلوچستان مان دهشتگردن جو نالو نشان ختم ڪري ڇڏينداسين.