ڪوئٽه ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت

بلوچستان جي علائقي وندر آدم کهنڊ ۾ روڊ حادثي دوران هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. حادثو قومي شاهراهه تي ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيش آيو، فوت ٿي ويل ماڻهن جا لاش ڪراچي جي حسين هزارا ڳوٺ جي امام بارگاهه ابوالفضل عباس ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. فوت ٿي ويلن ۾ 6 ورهين جي مهرين ۽ ماريه بتول کان علاوه 32 ورهين جي شريفه، 20 ورهين جي رويابه ۽ 27 ورهين جو انس گل علي شامل آهن. گهر ڀاتين موجب بدقسمت خاندان ڪراچي ۾ پنهنجي ڀيڻ جي عيادت لاءِ ڪراچي اچي رهيو هو. متاثر فيملي جي هڪ ڀيڻ ڪينسر جي مريضه آهي جيڪا ڪراچي ۾ علاج هيٺ آهي. سمورن لاشن کي غسل ۽ ڪفن کان پوءِ اباڻي علائقي ڪوئٽه ايمبولينس ذريعي منتقل ڪيو ويندو. گهر ڀاتين جو چوڻ هو ته لاش هزاره ڪالوني ڪوئٽه پهچڻ کان پوءِ انهن  جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي.