ڪوشش ڪنداسين عمران خان کي عدالتن تي حملي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪريون: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عدالتن تي حملي جي ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.اسلام آبا د۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ هي پاڻ شوق سان جيل ۾ ويا هاڻ اندر ويندڙ ٻاهر اچڻ جي لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن.هن چيو ته عمران خان ڪالهه سازش تحت ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ طئي ٿيل منصوبي تحت عدالت مٿان حملو ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي. ڪوشش ڪنداسين ته عمران خان کي عدالتن مٿان حملي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪريون.گهرو وزير چيو ته عمران خان جا ناز نخرا کنيا ويا. عدليه کي اپيل ڪريون ٿا ته اوهان عمران خان کي رعايت ڏني، ان جا نخرا کنيا، ان کي وقت ڏنو هاڻ ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ان ۾ ڪوبه اخلاق نه آهي نه ئي هن ۾ ڪا انسانيت آهي.