انمول عرف پنکی کي وڌيڪ جسماني ريمانڊ لاءِ اڄ جوڊيشل مجسٽريٽ اڳيان پيش ڪيو ويندو۔ ملزمه جي پيشي سبب سينٽرل جيل ڪراچي ٻاهران سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن۔پوليس موجب ملزمه خلاف منشيات اسمگلنگ، سپلائي ۽ قتل سميت سنگين ڪيس داخل آهن، جڏهن ته مختلف ٿاڻن ۾ سندس خلاف 13 کان وڌيڪ ڪيسن جي جاچ جاري آهي۔ڪراچي پوليس عدالت کان درخواست ڪئي هئي ته سيڪيورٽي خدشن سبب ملزمه کي سٽي ڪورٽ بدران سينٽرل جيل جي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي۔پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ملزمه کان منشيات نيٽ ورڪ بابت اهم ڄاڻ ملي آهي ۽ وڌيڪ گرفتاريون متوقع آهن، تنهن ڪري عدالت کان وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي ويندي۔