ڪراچي: گلوڪارا آئمه بيگ چيو آهي ته جڏهن مان ناليواري گلوڪار ڪيفي خليل جو گانو “ڪهاني سنو” پنهنجي آواز ۾ ڳايو ته گلوڪار مون کي پاڻ فون ڪئي ۽ ان حوالي سان تعريف ڪئي.ڪيفي خليل جو ڪهاني سنو نه رڳو پاڪستان پر عالمي شهرت يافته گانن ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ ان جي وڊيو يوٽيوب تي اٺين نمبر تي آئي آهي.ڪجهه عرصو اڳ آئمه بيگ ڪيفي جو گانو پنهنجي آواز ۾ رليز ڪيو هو، جنهن کي واهپيدارن سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.ان کان اڳ به آئمه وضاحت پيش ڪئي هئي پر هاڻ هن هڪ ڀيرو ٻيهر ان حوالي سان ٽي وي شو ۾ ڳالهايو آهي.گلوڪارا ٻڌايو ته ڪيفي انتهائي عاجز ۽ سٺو انسان آهي، جڏهن مان اهو گانو ڳايو ته هن مون کي فون ڪري چيو اڳ ۾ ماڻهن اهو گانو ايترو نه ٻڌو هو پر توهان جي ڳائڻ کانپوءِ ان گاني کي وڌيڪ ڄاڻڻ لڳا آهن.آئمه بيگ موجب ڪيفي مون کي چيو ته توهان جي گاني کانپوءِ ماڻهن اصل به ٻڌو پر منهنجي خيال ۾ اصل کي ڪير نٿو هارائي سگهي.هن وڌيڪ چيو اها ڳالهه ناهي ته ڪير سٺو ڳائيندو، مون کي لڳو اهو گانو ڳائڻ گهرجي ته مان ڳايو، منهنجي دل چيو ته مان ڳايو، مون کي فرق نٿو پئي ته ڪير ان کي پسند ڪري ٿو ۽ ڪير نه.