ڪيمبرج امتحاني پرچو ليڪ ٿيڻ تي والدين جو احتجاج، برٽش ڪائونسل کي اي ميل موڪلي وئي

British Council جي تحت ٿيندڙ ڪيمبرج امتحانن ۾ پرچو ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي والدين سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي برٽش ڪائونسل کي باقاعده اي ميل موڪلي ڇڏي آهي۔ذريعن موجب بزنس اسٽڊيز (9609/22) جو پرچو امتحان شروع ٿيڻ کان لڳ ڀڳ ٽي ڪلاڪ اڳ ئي سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿي ويو هو۔ والدين چيو ته امتحاني پرچا واٽس ايپ گروپن ۽ Reddit تي وڪرو ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته وقت سر اطلاع ڏيڻ باوجود ڪا اثرائتي ڪارروائي نظر نه آئي آهي۔والدين جو چوڻ آهي ته هن صورتحال سبب محنتي شاگردن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي ۽ امتحاني نظام جي شفافيت تي سوال اٿيا آهن۔ هڪ متاثر شاگردياڻي چيو ته سندس يونيورسٽي داخلا انهن امتحانن تي دارومدار رکي ٿي، تنهنڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي۔والدين موجب پيپر ليڪ بابت سڀئي ثبوت اي ميل ذريعي برٽش ڪائونسل ڏانهن موڪليا ويا آهن۔