ڪي پي جي وڏي وزير جي عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات

پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي آهي ذريعن موجب، علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني سان جيل ڪانفرنس روم ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پارٽي جي معاملن ۽ صوبي جي حوالي سان ڳالهه ٻول ڪئي وئي ذريعن موجب، ملاقات ۾ ڪجهه ڏينهن ڪڍيل ريلي ۽ ملڪي صورتحال سميت ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي به گفتگو ڪئي وئي.