خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور گهرو وزير محسن نقوي ۽ توانائي واري وزير اويس لغاري سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران خيبرپختونخواهه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. لوڊشيڊنگ، بجلي بابت معاملا ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي وفاقي وزيرن ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير معاملن کي گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان علاوه سڀاڻي سومر تي ٻيهر ملاقات جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خصوصي سرمائيڪاري سهولت ڪونسل(ايس آءِ ايف سي) جي يپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ علي امين گنڊاپو چيو هو ته صوبي جي عوام کي رليف جي لاءِ هر حد تائين وينداسين.