خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان اعتماد جو وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امين گنڊاپور اڪثريت وڃائي چڪو آهي هو اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺندو. ٻه هڪ جي اڪثريت وارو وڏو وزير پنهنجي اسيمبلي ۾ وڃڻ کان لهرائي رهيو آهي، چار ڀيرا اجلاس ملتوي ٿي چڪو آهي. هن چيو ته وڏي وزير وٽ اڪثريت نه آهي، انهي جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ اچي سگهي ٿي. مان سرڪاري طور تي به وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو به چئي سگهان ٿو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته الله نه ڪري صلاحڪار ۽ خاص مددگار جي سمري تي پير رکان، ٻڌايو وڃي ته وزير ۽ صلاحڪار ڇو پيا بدلي ڪيا وڃن، جيڪڏهن اهي ڪرپٽ آهن، نااهل آهن ته انهن کي سزا ڇو نه پئي ڏني وڃي. هن چيو ته هي چئي رهيا آهن ته صوبي ۾ تعليم جو نظام بهتر ٿي ويو آهي. اسيمبلي ۾ بل آندو وڃي ته سياستدانن ۽ بيورو ڪريٽس جا ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن، جيستائين مان ويٺل آهيان يونيورسٽي جي هڪ انچ به زمين وڪرو ٿيڻ نه ڏيندس.