ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري گجر نالي متاثرين جي بحالي بابت ڪيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو گجر نالي متاثرين جي بحالي واري معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف درخواست تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٿي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري چيو ته عدالت متاثرين جي بحالي لاءِ 2 سالن جو وقت ڏنو هو. ماهوار رپورٽ به جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي پر سنڌ حڪومت اڃان تائين ڪابه اڳڀرائي رپورٽ پيش نه ڪئي آهي درخواستگذار جي وڪيل طرفان مراد علي شاهه کي توهين عدالت تي جيل اماڻڻ واري مطالبي تي جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته وڏي وزير جا هڪ ٻه ڏينهن رهجي ويا آهن کيس جيل اماڻي ڇا ڪنداسين اوهان عمل چاهيو ٿا اسان به اهڙن ماڻهن ڏانهن حڪم جاري ڪندا آهيون جن مان ڪجهه حاصل ٿي سگهي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته مراد علي شاهه سڀاڻي اچي چئي سگهي ٿو ته مان وڏو وزير نه رهيو آهيان مون پنهنجي دور ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر عمل نه ڪرائي سگهياسان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل چاهيون ٿا هڪ ٻن ڏينهن دوران نگران حڪومت اچي ويندي انهن کان جواب طلب ڪنداسين جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي عدالت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي ٻڌڻي جي موقعي تي گجر نالي جي متاثرين سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي مظاهري ۾ اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرين ۾ ٻار، عورتون ۽ بزرگ شامل هئا. متاثرين هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي رهيا هئا. متاثرين گهر جي بدلي گهر ڏيو ٻئي صورت ۾ ڪرسي ڇڏي ڏيو جا نعرا لڳايا