پرويز الاهي جي گرفتاري بابت ڪيس ۾ عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي اٽڪ جيل مان بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي عدالت آءِ جي اسلام آباد کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اٽڪ ضمانتي طور پرويز الاهي کي سڀاڻي جيل مان واپس وٺي. گذريل ڏينهن عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالتي حڪم تي ڊي آءِ جي آپريشنز، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن ۽ ايس ايس پي آپريشنز هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيا ڊي ايس پي پوليس آفيسرن کي پيش ٿيڻ لاءِ مهلت طلب ڪندي چيو ته ٻئي پوليس اهلڪار پنجاب کان ٻاهر آهن عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻنهي آفيسرن کان پڇو ته اڄ پيش ٿيندا يا سڀاڻي؟ سڀاڻي پوليس آفيسرن کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪندا جڏهن اهي پيش ٿيندا، توهان ان وقت مون وٽ اچڻ مناسب نه سمجهيو ياد رهي ته چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري تي سندس گهرواري قيصره الاهي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي درخواست ۾ چيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري پرويز الاهي جي سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي، کيس نيب جي حراست مان آزاد ڪيو ويو. درخواستگذار موجب عدالت ڊي آءِ جي آپريشن ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن کي طلب ڪري لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو