اڳڙا ٿاڻي جي حد ٻيلھاڙو ڀرسان تعليم دشمن ھٿياربندن مبينہ فائرنگ ڪري ڊيوٽي تي ويندڙ آءِ بي اي پاس نوجوان استاد وسيم کوکر کي قتل ڪري ڇڏيو گمبٽ ڀرسان ٻيلھاڙو جي رهواسي استاد وسيم پٽ وڪيل کوکر کي اسڪول ويندي رستي ۾ نامعلوم ھٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته وسيم کوکر پرائمري استاد ھيو جيڪو صبح سوير گھران موٽر سائيڪل تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول قيصر خان جاگيراڻي ۾ ڊيوٽي تي وڃي رھيو ھيو تہ واقعو پيش آيو پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پھچايو جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي. ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته استاد ڊيوٽي تي وڃي رھيو ھيو تہ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.