گمبٽ ۾ گمس ڪاليج جي ٽئين سال جي شاگرد ڪشمور واسي ذيشان دايو جو گهر مان لاش هٿ آيو آهي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ان حوالي سان ايس ايڇ او گمبٽ ٻڌايو ته فوتي شاگرد بيمار هيو جيڪو ميڊيسن کائيندو هيو ساهه جي تڪليف ۾ پڻ مبتلا هيو جيڪو پرائيوٽ گهر ۾ رهندو هيو سندس ڪمري مان دوائون به مليون آهن خدشوآهي ته بيماري سبب فوت ٿيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ذريعن موجب ڪاليج جا چار شاگرد خانگي جڳھ تي رهندا هئا جنهن مان هڪ ڳوٺ ويل هو, جڳهه تي رهندڙ شاگردن موجب اسان صبح جو چانھ پيئڻ لاء وياسين ته ذيشان مرده حالت ۾ مليو, ٻئي پاسي گمس جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته فوت ٿيل شاگرد جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي اهي پهچندا جنهن کان پوءِ شاگرد جي پوسٽ مارٽم بابت اهي ئي فيصلو ڪندا.