گم ٿيل بلوچ شاگرد بازياب نه ٿيا ته وزيراعظم تي ڪيس داخل ٿيندو ۽ کيس گهر وڃڻو پوندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

بلوچ شاگردن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عدالتي حڪم جي باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچ شاگردن جي بازيابي واري ڪيس ۾ ڪميشن جي سفارش تي عمل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نگران گهيرو وزير سرفراز بگٽي، نگران انساني حقن وارو وزير خليل جارج، گم ٿيل بلوچ شاگردن جا گهر ڀاتي عدالت جي آڏو پيش ٿيا. عدالت چيو ته گڏيل طور تي 69 شاگرد گم آهن اٽارني جنرل ٻڌايو ته وزيراعظم پرڏيهي ملڪ هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو آهي. وڌيڪ 22 بلوچ شاگرد بازياب ٿي ويا آهن. 28 شاگرد اڃان تائيم گم آهن. مان يقين ڏياريان ٿو ته گم ٿي ويل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته بنيادي حقن جو معاملو آهي جنهن جو به پاڪستان ۾ دل ڪري اهو ڪري رهيو آهي. هن ڪيس ۾ سمورا گم ٿيل شاگرد آهن، هي اسان جا پنهنجا شهري آهن. سمورا الزام رياستي ادارن تي اچي رهيا آهن. يا ته ٻڌايو ته ٻئي ملڪ جي ايجنسي ماڻهو کنيا آهن. هڪ مخصوص اداري تي الزام آهن، ڇا جاچ به انهن کان ڪرائينداسين؟ رياستي ادارا ڪوبه ڪم ڪن ته انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪير ڪندو انهن ۾ جيڪڏهن ڪوبه دهشتگرد آهي ته انهن جي خلاف به ڪارروائي ڪريو. اسان جيڪڏهن ڪلبهوشن جو ٽرائيل ڪري سگهون ٿا ته هنن جو به ڪري سگهون ٿا جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته بلوچستان جو ماڻهو گم ٿي ويندو آهي ۽ هتي انتظاميه قلم 365 جي تحت ڪارروائي ڪري منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيندي آهي جيڪي دهشتگرد آهن انهن جي خلاف ڪارروائي ڪريو عدالت جي سامهون پيش ڪريو ڪنهن به ايجنسي کي ڇوٽ نه آهي ته ڪنهن کي مرضي هجي کڻي وڃي ۽ پوءِ ان کي آبپاره ٿاڻي جي ايس ايڇ او حوالي ڪري ڇڏي. ڇا ڪنهن مهذب معاشري ۾ اهي ڪم ٿيندا آهن جيڪو به گم ٿي ويل ماڻهو بازياب ٿيندو آهي اهو اچي چوندو آهي ته مان ڪيس جي پيروي نٿو ڪرڻ چاهيان، بند ڪمرن ۾ ڪنهن جي نه ٻڌندس، جيڪو چوڻو آهي اوپن ڪورٽ ۾ چئو جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته پوليس ماڻهو کڻي ويندي آهي، ٿاڻي وڃون ٿا ته خبر پئي ته ماڻهو اتي نه آهي، جبري گمشدگي واري ڪيسز ۾ ماڻهو اوهان جي پنهنجي ادارن وٽ آهن جنهن جو ذميوار دفاع وارو سيڪريٽري آهي انهن جي ادارا جا ماڻهو ڪنهن به اهڙي ڪم ۾ ملوث نه هجن، جبري گمشدگي وارن ڪيسز جو حل ڪڍي انهن کي آزاد ڪريو يا عدالت ۾ پيش ڪريو. اڄ تائين ڪنهن به اسٽيٽ جي اداري کي ذميوار ڪري ڪارروائي ڇو نه ٿي نگران گهرو وزير عدالت ۾ ٻڌايو ته هڪ به شخص گم جيڪڏهن گم آهي ته ان جو ڪوبه جواز نه آهي. اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي عدالتي مفرور آهن. ڪجهه ماڻهو افغانستان هليا ويا آهن ڪيترائي ڪيسز اهڙا به آهن جن ۾ سيڪيورٽي فورسز سان وڙهندي مارجي ويا آهن گهرو وزير گم ٿي ويل ماڻهن جي معاملي تي ايڊيشنل سيڪريٽري کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو. عدالت درخواستگذار کي سمورن گم ٿيل ماڻهن جا تفصيل فوڪل پرسن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو گم ٿي ويل شخص جي ڀيڻ عدالت جي سامهون ڳالهائيندي جذبات تي ڪنٽرول نه رکي سگهي ۽ پنهنجا لڙڪ لاڙي ويٺي. هن چيو ته آصف بلوچ ۽ منهنجي سئوٽ رشيد بلوچ کي 2018 ۾ گرفتار ڪيو ويو. سرفراز بگٽي چوي ٿو ته اهو ننڍو مسئلو آهي. منهنجو سڀ ڪجهه لٽجي ويو، اسان جو سڄو گهر ختم ٿي ويو آهي. ڇهن سالن کان ڌڪا کائي رهيا آهيان جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڇا اسان سڀ اغوا ٿينداسين ته اسان کي سمجهه ايندي؟ جيڪڏهن ايندڙ تاريخ تي گم ٿي ويل ماڻهو بازياب نه ٿيا ته وزيراعظم، گهرو وزير، دفاع ۽ گهرو وزارت وارن سيڪريٽري تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندس. پوءِ اوهان سڀني کي ۽ وزيراعظم کي گهر وڃڻو پوندو. چٽن لفظن ۾ اوهان کي سمجهائي رهيو آهيان، دفاع ۽ گهرو وزارت جا سيڪريٽري به ذميوار هوندا. مون کي رزلٽ گهرجي. هي ڇوڪري ايندڙ ٻڌڻي تي اهو چوي ته منهنجو ڀاءُ واپس اچي ويو آهي، اوهان ان سان ملاقات ڪريو، جنهن تي نگران گهرو وزير جواب ڏنو ته ٻن ڏينهن ۾ ملي وٺندس ماني جي دعوت تي به گهرائيندس.