بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي بابت ڪميشن جي سفارشن تي عمل جي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نگران وزيراعظم کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو ٻڌڻي دوران عدالت وزيرن جي قائم ڪيل ڪميٽي جي رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل کي عدالت طلب ڪري ورتو. جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل عثمان گهمڻ وزيرن جي ڪميٽي اجلاس جي هڪ صفحي تي ٻڌل 6 نڪتن جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رپورٽ جي ڪاپي واپس ڪري ڇڏي عدالت دفاع واري وزير، گهرو وزير ۽ سيڪريٽرين کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڙيل وزارتي ڪميشن جي رپورٽ کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته ڇا گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو معاملو گڏيل قومن ڏانهن اماڻيون؟ ڇا پنهنجي ئي ملڪ جي بيعزتي ڪرايون؟ وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪنداسين. دفاع گهرو معاملن ۽ انساني حقن جي وزيرن کي به گهرائينداسين ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته هن رپورٽ تي هن عدالت جي لاءِ شرم جوڳو مقام آهي. وزيراعظم ۽ گهرو وزير بلوچستان سان تعلق رکن ٿا. وزيراعظم ۽ گهرو وزير کي احساس ٿيڻ گهرجي ته هي بلوچ شاگردن جو معاملو آهي. بلوچ گم ٿي ويل شاگردن طرفان ايڊووڪيٽ ايمان مزاري عدالت جي سامهون پيش ٿي عدالت بلوچ شاگردن جي بازياب نه ٿيڻ تي نگران وزيراعظم کي 29 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي چيو ته دفاع وارو وزير، گهرو وزير، سيڪريٽري دفاع، گهرو سيڪريٽري به پيش ٿين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ڪميشن جي سفارشن موجب 55 گم ٿيل بلوچ شاگردن کي پيش ڪريو ٻئي صورت ۾ وزيراعظم پاڻ پيش ٿئي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ ايمان مزاري چيو ته عدالت جو ڌيان هڪ معاملي طرف ڏيارڻ چاهيان ٿي هن چيو ته هي ڪيس ٻڌڻي هيٺ هجڻ باوجود به بلوچ شاگرد گم ٿيندا رهيا آهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل وزيراعظم ۽ وزيرن کي طلب نه ڪرڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ان ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. مذاق بنائي ڇڏيو آهي. انهي کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي توهين هوندي جو هن ملڪ جا ماڻهو گم ٿي رهيا آهن عدالت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي کي 29 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.