گم ٿيل ماڻهن ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس رپورٽ رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت پوليس جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذارن ۾ عاصمه صغير، محمد قادر، ممتاز، غلام مصطفيٰ ۽ ٻيا شامل آهن. ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽ پيش ڪئي پر عدالت پوليس رپورٽ کي اسٽيريوٽائپ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته پوليس رپورٽ روايتي آهي، پوليس گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪجهه ڇو نٿي ڪري؟ عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جاچ آفيسر کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي عوامي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت جي آءِ ٽي ۽ 60 ٽاسڪ فورس جا 21 اجلاس ٿي چڪا آهن، جنهن تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته گهرو سيڪريٽري جي رپورٽ ڪٿي آهي؟ حڪومتي وڪيل چيو ته گهرو سيڪريٽري رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ٻڌڻي دوران گم ٿيلن جي وارثن ڳالهائيندي چيو ته مان هٿ جوڙي درخواست ڪريان ٿو ته هي ڪيس ۽ هي تماشو بند ڪيو وڃي، منهنجي ڀاءُ فرقان بابت ڪجهه به نه مليو آهي، پوليس کين دٻايو پيو وڃي. هوءَ چوي ٿي ته اسان وٽ ناهيون، 9 سال ٿي ويا آهن گم ٿيل فرقان ۽ نديم کي بازياب نه ٿي سگهيو آهي. جنهن بعد عدالت گهرو سيڪريٽري، بچاءَ واري سيڪريٽري سميت پوليس آفيسرن کان رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.