گهرو وزير محسن نقوي آمريڪي سرمائيڪارن کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏني ۽ کين سرمائيڪاري بابت مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي يو ايس چيمبر آف ڪامرس ۾ آمريڪا پاڪستان بزنس ڪونسل جي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مائننگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سرمائيڪاري، تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير ڪوئلن جي کاڻن ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ آمريڪي سرمائيڪارن کي سرمائيڪاري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته يو ايس پاڪستان بزنس ڪونسل پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. انهي موقعي تي محسن نقوي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي ڪمپنين جا مسئلا ٻڌا ۽ چيو ته آمريڪي ڪمپنين بابت مسئلا اوليت جي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام طرف گامزن آهي، آمريڪا پاڪستان بزنس ڪونسل کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏئي ٿو. پاڪستان سرمائيڪاري جي لاءِ پرڪشش موقعا رکي ٿو، ضروري اين او سيز کي جاري ڪرڻ ۾ بهتري آندي وئي آهي. انهي کان علاوه گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي آمريڪا پاڪستان بزنس ڪونسل کي اوليت جي بنيادن تي خصوصي سهولتون ڏيڻ جو يقين به ڏياري ڇڏيو آهي.