وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سعودي گهرو وزير شهزادي عبدالعزيز بن سعود بن نائف سان رياض ۾ ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون۔ ملاقات گهرو وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي، جتي منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي غور ڪيو ويو۔ ٻنهي ملڪن منشيات جي روڪٿام لاءِ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو۔ ملاقات ۾ سعودي گهرو وزارت جي اهم عملدارن، جن ۾ نائب گهرو وزير ناصرالدائود، پبلڪ سيڪيورٽي جو ڊائريڪٽر جنرل محمد البسامي ۽ ڊرگ ڪنٽرول جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل محمد القرني شامل هئا۔ پاڪستاني وفد ۾ سفير احمد فاروق، ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ اينڊ اميگريشن مصطفيٰ جمال قاضي ۽ گهرو وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري رفت مختار راجا شامل هئا۔ موقعي تي محسن نقوي چيو ته سعودي عرب سان هر پاڪستاني جو مذهبي عقيدت ۽ احترام جو رشتو آهي، جڏهن ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي۔ هن سعودي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ بي پناهه مدد تي سندن ٿورو ادا ڪيو۔