گهرو وزير راڻا ثناءُالله جا گرفتاري وارنٽ جاري، 7 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

گوجرانوالا: دهشتگردي جي انت واري عدالت وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.دهشتگردي جي انت واري عدالت گجرات جي انڊسٽريل ٿاڻي ۾ راڻا ثناءُالله جي خلاف داخل هڪ ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ پوليس کي کيس 7 مارچ تي گرفتاري ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.راڻا ثناءُالله جي خلاف 5 آگسٽ 2022 تي(ق) ليگ جي مقامي اڳواڻ شاهه ڪاز اسلم جي مدعيت ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ راڻا ثناءُالله مٿان چيف سيڪريٽري ۽ ان جي گهر ڀاتين کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.گجرات پوليس ڪيس بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي هئي جنهن تي عدالت پوليس جي رپورٽ کي رد ڪندي جوابدار جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.