گهرو وزير راڻا ثناءُ الله عراق مان مليل قيمتي تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرايا. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان جو عراق جو دورو ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو آهي واپسي کان اڳ هن عراق ۾ حضرت علي جي مزار تي حاضري ڏني. گهرو وزارت موجب وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان عراق جو دورو ڪيو اتي هن عراقي صدر، وزيراعظم، گهرو وزير ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان چيو ته منهنجو عراق جو دورو ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو آهي، وطن واپسي تي راڻا ثناءُ الله عراق مان مليل قيمتي تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرايا، راڻا ثناءُ الله سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪيو. هن چيو ته مون پنهنجي ڀاءُ عراقي گهرو وزير عبدالامير الشمري کي عراق جي دوري دوران مليل قيمتي تحفا (هڪ قيمتي پستول ۽ هڪ موبائل فون) جمع ڪرائي ڇڏيو آهي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته تحفا ملڪ ۽ قوم جي امانت آهن، ان ڪري اهي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا آهن ٻئي طرف توشه خاني جي تحفن بابت هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت سان رجوع ڪيو ويو. توشه خاني جا تحفا اثاثن ۾ ظاهر نه ڪرڻ واري اسيمبلي ميمبرن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، اليڪشن ڪميشن انصاف جا تقاضا پورا نه ڪري رهي آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن تحفو نه ڏيڻ وارن ميمبرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. آصف زرداري، نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ يوسف رضا گيلاني توشاخانا تحفا ظاهر نه ڪيا، اليڪشن ڪميشن انهن اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي نه ڪري رهي آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي تحائف ظاهر نه ڪندڙ ميمبرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي.