گهرو وزير ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وچ ۾ ملاقات، حڪومت سان ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ رويي تي ڳالهيون

 وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي، ڳالهين جي دوران حڪومتي اڳڀرائي جي باوجود پي ٽي آءِ جي رويي تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ملڪ جا سياسي معاملا ۽ ملڪ جي گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رپورٽ موجب ملاقات جي دوران ڳالهين جي لاءِ حڪومت جي طرفان اڳڀرائي باوجود پي ٽي آءِ جي رويي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير محسن نقوي سمورين اپوزيشن ۽ حڪومتي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. محسن نقوي چيو ته اياز صادق حڪومتي ۽ اپوزيشن پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ تعريف جوڳو ڪردار ادا ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهي موقعي تي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.