گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن جي حملي کان پوءِ اغوا ٿيل 2 پوليس اهلڪارن ۽ شهرين کي پوليس ڪامياب ڪارروائي دوران بازياب ڪرائي ورتو آهي. گذريل ڏينهن گهوٽڪي ۾ هٿياربند ڌاڙيلن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويو. ڌاڙيلن ڪچي جي علائقي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت گڏيل طور تي 8 ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو هو جنهن کان پوءِ جوابي آپريشن ڪندي پوليس ڌاڙيلن جي حملي کان پوءِ اغوا ٿيندڙ 2 پوليس اهلڪارن ۽ 4 شهرين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. بازياب ٿيل شهرين ۾ سانوڻ ڪرس يجتوئي، عبدالصمد ڪرسي جتوئي، مولابخش جتوئي، محمد رحيم مهر شامل آهن. پوليس موجب ڪچي جي علائقي شاهه ٻيلو ۾ آپريشن دوران 4 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ڌاڙيل مغوين کي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪندي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو. هوڏانهن حملي دوران شهيد ٿيندڙ اهلڪار جي جنازي کان پوءِ صحافين سان ڳالهين ۾ ڊي آءِ جي سکر حميد کوسو چيو ته جتي جنگ هوندي اتي نقصان ته برداشت ڪرڻو پوندو. ڌاڙيلن جي سهولتڪارن کي بخش نه ڪنداسين. هن ٻڌايو ته 2 اغوا ٿيل پوليس اهلڪارن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جڏهن ته اغوا ٿيل 4 شهرين کي به پوليس مقابلي کان پوءِ بازياب ڪرايو ويو آهي. ڊي آءِ جي سکر چيو ته اسان پوئتي نه هٽنداسين انشاءَالله ڪچي واري علائقي ۾ امن بحال ڪرائينداسين.