گهوٽڪي ۾ ٽانوري پلاٽ واري علائقي ۾ جوابدار عابد ساليءَ کي پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ همراهه پاران ڪيل فائرنگ ۾ سندس زال مارجي وئي آهي پوليس موجب جوابدارعابد ساليءَ کي پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ گهر اندر فائرنگ ڪئي، فائرنگ دوران گولي سندس زال فوزيه کي لڳي، سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيئڻ دوران فوزيه رستي ۾ دم ڏنو پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جوابدار گرفتار نه ٿيو.