دوحا: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي اثرن گهٽ ترقي يافتا ملڪن کي گهڻو متاثر ڪيو، سڀني کي گڏجي انهن ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.دوحا ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ گهٽ ترقي يافتا ملڪن جي ڪانفرنس سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شرف چيو ته پاڪستان دوحا پروگرام آف ايڪشن لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، گهٽ ترقي يافتا ملڪن جي قرض جا شرط آسان ڪرڻا پوندا، انهن ملڪن کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت اهي.هن چيو ته گهٽ ترقي يافتا ملڪن ۾ صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ ڳري سيڙپڪاري ۽ ايجنڊا 2030 تي عملدرآمد ۽ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي.سندس چوڻ هو ته گهٽ ترقي يافتا ملڪن کي قرضن سبب خطرا آهن، سڄي دنيا ۾ ماڻهن جو وڏو انگ غربت ۽ غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، گهٽ ترقي يافتا ملڪن لاءِ قرض جا شرط آسان ڪرڻا پوندا ۽ عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي.