گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي بي ايل اي جو حملو ناڪام، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا

گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي پابندي مڙهيل بي ايل اي جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائيندي سمورن 8 حملو ڪندڙ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ذريعن موجب بي ايل اي جي دهشتگردن گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سيڪيورٽي فورسز وقت ۽ بهتر جوابي ڪارروائي ڪندي ناڪام بنائي ڇڏيو سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن گوادر ڪمپليڪس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا فورسز وقت تي ڪارروائي ڪري ناڪام بنائي ڇڏي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي بهتر ڪارروائي ۾ بي ايل اي جا سمورا 8 دهشتگرد مارجي ويا. اکين ڏٺن شاهدن موجب علائقي ۾ فائرنگ کان اڳ ڌماڪي جا به آواز ٻڌا ويا. گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس ۾ پاسپورٽ آفيس اليڪشن ڪميشن آفيس سميت ٻين سرڪاري ادارن جون به آفيسون آهن.