پشاور: خيبر پختونخوا جي مشهور تعليمي اداري گومل يونيورسٽي ۾ جعلي ڊگرين ۽ مالي بي ضابطگين جي هڪ وڏي اسڪينڊل جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ يونيورسٽي انتظاميا ۽ صوبائي حڪومت سخت ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.سرڪاري دستاويزن موجب ابتدائي جاچ دوران 514 ڊگريون مشڪوڪ قرار ڏنيون ويون آهن، جن کي رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جي فيصلي تحت اڳوڻي ڊائريڪٽر افيليئيشن کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جعلي ڊگري ڪيس ۾ ملوث اڳوڻي ڪنٽرولر امتحانات خلاف به سخت تاديبي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب مالي خردبرد ۽ جعلي ڊگرين جو هي مبينا سلسلو 2019ع کان 2023ع تائين جاري رهيو. سرڪاري رڪارڊ سامهون اچڻ کان پوءِ هاڻي جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي ته جيئن معاملي ۾ ملوث سڀني عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.اسڪينڊل جي مڪمل جاچ لاءِ حڪومت هڪ نئين ۽ بااختيار تحقيقاتي ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي. صوبائي تعليم واري وزير مينا آفريدي چيو آهي ته گومل يونيورسٽي ۾ مالي بي ضابطگين بابت اعليٰ سطحي جاچ جاري آهي ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪيو ويو آهي.هن چيو ته اسڪينڊل ۾ ملوث ڪنهن به فرد کي معاف نه ڪيو ويندو ۽ شاگردن جي مستقبل سان کيڏندڙن جو سخت احتساب ڪيو ويندو. انتظاميا موجب مشڪوڪ ڊگرين جي منسوخي سان گڏ ذميوار آفيسرن ۽ عملي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي.