سوئي سدرن گيس ڪمپني طرفان بنا ڪنهن رنڊڪ جي گيس فراهم ڪرڻ جي دعويٰ اڌوري رهجي وئي، ڪراچي، حيدرآباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سحري وقت گيس غائب رهي جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. حيدرآباد، ڪراچي، لاهور، راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ سحري جي وقت گيس بند ٿيڻ جون شڪايتون سامهون اچي ويون آهن. سوئي ناردرن گيس ڪمپني طرفان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته گيس جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ قدم کڻي ورتا آهن، سحري، افطاري ۽ ٻنپهرن جي وقت گيس بنا ڪنهن رنڊڪ جي فراهم ڪئي ويندي. سوئي سدرن گيس ڪمپني اعلان ڪيو هو ته رمضان المبارڪ ۾ سحري ۾ رات کان صبح 9 وڳي تائين گيس دستياب هوندي. ٻنپهرن جو ساڍي 3 کان رات 10 وڳي تائين گيس دستياب هوندي پر پهرين روزي جي سحري ۾ ئي گيس جي بنا رنڊڪ فراهمي جي سوئي گيس اختيارين جي د عويٰ غلط ثابت ٿي. جنهن سبب ڪيترن ئي روزيدارن کي سحري وقت سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. ماڻهن جي وڏي انگ هوٽلن جو رخ ڪري ورتو.