تفصيل موجب ايران اسرائيل تي 200 کان وڌيڪ ڊرون ۽ ڪروز ميزائل فائر ڪيا آهن، ايراني انقلابي گارڊ اسرائيل تي حملي جي باضابطه تصديق ڪري ڇڏي آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دنيا وڌيڪ جنگ جي متحمل ناهي ٿي سگهي ڪنهن به عمل کان پاسو ڪيو وڃي جيڪو جنگ جو سبب بڻجندو، وچ اوڀر ۾ وڏي فوجي تڪرار جو خدشو آهي.