ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل ٻن معصوم ڳوٺاڻن جا قاتل ھفتو گذرڻ باوجود به گرفتار نه ٿي سگھيا

ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل ٻن معصوم ڳوٺاڻن جا قاتل ھفتو گذرڻ باوجود به گرفتار نه ٿي سگھيا وارث پوليس جي ڪاروائي مان مايوس ان سلسلي ۾ شھيد استاد مراد علي بنگوار ۽ محمد پناھ بنگوارجي وارثن استاد عبدالخالق بنگوار ڊاڪٽر رفيق احمدبنگوارعبدالمجيد بنگوار صفر الدين بنگوار بشير احمد بنگوار غالب بنگوار صدرالدين بنگوار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھڪ ھفتو اڳ ڳوٺ خير محمد بنگوار وٽ بخشاپور جي مال پڙي کان واپس گھر ايندڙ بيگناھ اسان جي نوجوانن کي بنگوار برادري سان تعلق رکندڙ ڏوھارين سري عام فائرنگ قتل ڪيو جوبدار بنا ڪنھن خوف فرار ٿي ويا آھن پر پوليس ھفتو گذرڻ باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو قتل ٿي ويلن جي وارثن وڌيڪ ٻڌايو اسان جو خاندان پڙھيل لکيل ۽ سرڪاري ملازم آھن اسين امن پرست ۽ جھيڙن کان پري آھيون پر پوليس جي نااھلي ڪري اسان مايوس آھيون ھنن چيو ته جھيڙي جو مک ڪردرا مقدم فتح الدين بنگوار آھي جيڪو ڪيس ۾ به نامزد ٿيل آھي جنھن جو ڳوٺ بخشاپور پوليس جي حد ۾ سڏ پنڌ تي آھي پر پوليس اڃا ڪنھن قسم جي ڪاڪاروائي ناھي ڪئي