16 مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

ملڪ ۾ 16 مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 12 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9.70 روپيه في ليٽر لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اوگرا پندرنهن مئي تي سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻيندي. اهو هلندڙ مهيني ۾ لڳاتار ٻيون رليف هوندو. نيون قيمتون وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کان پوءِ 16 مئي خميس کان لاڳو ڪيون وينديون. ياد رهي ته عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي لاٿ ٿي آهي جنهن کي عوام تائين منتقل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي.