190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو: احتساب عدالت

 پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 8 جنوري تي ٻڌايو ويندو. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا وڪيلن کي آگاهه ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف 150 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو هاڻ 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو. ڪجهه دير اڳ جج ناصر جاويد وڪيلن کي آگاهه ڪيو ته ڪيس جو فيصلو لکي رهيا آهيون ٿوري دير تائين فيصلي جي نئين تاريخ ڏني ويندي. ياد رهي ته انگي کان اڳ  احتساب عدالت 18 ڊسمبر تي 190 ملين پائونڊ ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ 23 ڊسمبر تي ريفرنس جو فيصلو ٻڌائڻ جي تاريخ مقرر ڪئي هئي پر گذريل ڏينهن اها خبر سامهون آئي هئي ته ڪيس جو فيصلو 23 ڊسمبر تي نه ٻڌايو ويندو.