) وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن اتفاق نه پر سوچيل سمجهيل منصوبو هو. سينيٽر طليل چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جو اڄ فيصلو ٿيڻو هو پر جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيا، انهن عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جي عادت ٺاهي ورتي آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ 6 سالن تائين غير حاضري ۽ دير جا طريقا استعمال ڪيا ويا. توشه خانه ڪيس ۾ به انهن دير جا طريقا استعمال ڪيا. ڪڏهن وڪيل تبديل ڪيا ويا ته ڪڏهن وڪالت ناما تبديل ڪيا ويا. بي گناهه ماڻهو ڪڏهن به وڪالت ناما ۽ وڪيل تبديل نه ڪندا آهن. هن چيو ته عدالتي ڪيسز ۾ دير جا طريقا استعمال ڪرڻ هنن جي عادت بڻيل آهي. هنن کي ڪابينه ۾ بند لفافا کڻي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پي ٽي آءِ دور جي ڪابينه 190 ملين پائونڊ ڌاڙي جي توثيق ڪئي، بند لفافن ۾ حقيقتون ٻڌائڻ کان سواءِ فيصلو ڪيو ويو. اطلاعات واري وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس پاڪستان جي تاريخ جو ميگا ڪرپشن ڪيس آهي. تاريخ ۾ ايتري وڏي ڪرپشن جي مثال ڪٿي به نٿي ملي. هيرن جون منڊيون، القادر ٽرسٽ جي لاءِ زمين هن ڪيس سان جڙيل آهن. اهو صرف اتفاق نه هو پر سوچيل سمجهيل منصوبو هو. وفاقي وزير چيو ته بند لفافي ذريعي منظوري اهو وٺندو آهي جنهن کي ڊپ هجي. اهڙي طرح اربين روپين معاف ڪرڻ جي تاريخ ۾ مثال نٿي ملي. فراڊ ٽرسٽ جي ذريعي ڪاري ناڻي کي وائٽ ڪيو ويو. ميگا ڪرپشن مان هنن لاهور ۾ پنهنجي گهر کي ٻيهر تعمير ڪيو جنهن شخص اربين روپيه معاف ڪيا انهي کان اربين روپيه وصول ڪيا ويا. ميگا ڪرپشن ڪيس مان هي انهي لاءِ ڀڄي رهيا آهن ته هنن کي خبر آهي ته هن ڪرپشن ۾ هي سڌو سنئون ملوث آهن. سينيٽر طلال چوڌري پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڪرپشن کي اسلامي ٽچ ڏيڻ پي ٽي آءِ جي پراڻي ڪارروائي آهي، پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين ۽ ان جي گهر واري توشه خانه جا تحفا به کائي ويا، پي ٽي آءِ وارا ڪيسن کي منهن ڏيڻ بجاءِ ڊيل جو تاثر ڏين ٿا. هن چيو ته نوازشريف ۽ انهي جي خاندان سياسي انتقام جو بهادري سان مقابلو ڪيو. نوازشريف فيصلو ٻڌڻ لاءِ برطانيه کان پاڪستان آيو هو، پر هڪ ماڻهو انهي قابل به نه رهيو آهي جو ڪجهه پير ڀري اچي عدالت ۾ پيش ٿئي ۽ پنهنجي ڪيسز کي منهن ڏئي.