190 ملين پائونڊ ڪيس: اعظم خان سميت 8 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان هٽايا ويا، عمران خان، بشريٰ، فرح گوگي جا نالا برقرار

190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس سان جڙيل 8 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي آهي پر عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي جا نالا اي سي ايل ۾ رهندا. ذريعن موجب وفاقي ڪابينه نيب جي سفارش تي نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني جنهن کان پوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس سان جڙيل 6 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته جن ماڻهن جا نالا لسٽ مان ڪڍيا ويا انهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم جو سيڪريٽري اعظم خان، راجا منظور ڪياني، عارف رحيم، نويد اڪبر، سڪندر حيات، نثار محمد، غلام حيدر ۽ عارف نذير بٽ جا نالا شامل آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته اهڙن ماڻهن جا نالا 190 ملين پائونڊ ڪيس سان جڙيل هجڻ تي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌا ويا هئا. ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان، ان جي گهر واري بشريٰ بي بي، فرح گوگي ۽ زلفي بخاري جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ رهندا.