190 ملين پائونڊ ڪيس: ٽن اڳوڻن وزيرن نيب آڏو پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي : برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي 190 ملين پائونڊز ڪيس ۾ 3 اڳوڻن وزيرن نيب آڏو پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا.ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، فروغ، نسيم ۽ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ علي زيدي ٻڌايو ته هن رقم بابت معاملو ڪابينه جي ايجنڊا جو حصو نه هو.ٽنهي وزيرن ٻڌايو ته ڪابينه اجلاس ۾ اسان کي ڪابه بريفنگ نه ڏني وئي ۽ نه ئي وري دستاويز ڏيکاريا ويا، بس چيو ويو ته منظوري ڏئي ڇڏيو.نيب طرفان اڳوڻن ٽنهي وزيرن کان هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين پڇاڳاڇا ڪئي وئي.