مورو ۾ تيز رفتار ويگن جو ٽڪر، عورت ۽ معصوم ٻارڙي سميت ٽي ڄڻا فوت

مورو (رپورٽ) قومي شاهراھ سڌھوجا وٽ تيز رفتار ويگن جي ٽڪر ۾ عورت ۽ معصوم ٻارڙي سميت ٽي موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويا۔ فوتين کي مقامي ماڻھن جي مدد سان مورو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ تفصيل موجب ڪنديارو کان مورو طرف ايندڙ موٽرسائيڪل کي تيز رفتار ويگن ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ معصوم ٻارڙي سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا۔ فوتين کي فوري طور مورو سول اسپتال پهچايو ويو۔ فوتي شخص جي سڃاڻپ ڪنديارو واسي عجيب خان چانڊيو طور ٿي، جيڪو پنهنجي ٻارڙن سان گڏ مورو طرف اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو۔ سڌھوجا پوليس موجب ٽنهي فوتين جا لاش سول اسپتال مورو منتقل ڪيا ويا آهن ۽ سندن وارثن کي پڻ اطلاع ڏنو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو