ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ ۾ سارين جي فصل پچي تيار ٿي وئي آهي، پر حڪومت پاران مناسب اگهه مقرر نه ٿيڻ سبب آبادگار ۽ زميندار سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ سستي اگهه تي واپارين کي فصل وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ شاهي شاخ آر ڊي 22 وٽ سوين هارين ۽ زميندارن هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن محمد ابراهيم کوسو، ساجد علي کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سارين جو اگهه مقرر نه ڪري اسان جو معاشي قتل ڪري رهي آهي. هنن چيو ته فصل مڪمل تيار آهي ۽ لابارو به پئجي ويو آهي، پر واپارين هٿان سستو اگهه وٺي مجبور بڻايو ويو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت جي واڳ ڌڻين جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، جنهن سبب هارين جو معاشي ڀاڳ برباد ٿي رهيو آهي. آبادگارن ۽ زميندارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي سارين جو مناسب اگهه مقرر ڪن، ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.
