ڪنڌڪوٽ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا قتل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد امام بخش لاڙو وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گھرام بنگوار ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته هڪ عورت پيراڻي خاتون پڻ سخت زخمي ٿي پئي۔ اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ مقتول جا وارث پهچي لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي قانوني ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔ ٻئي طرف زخمي عورت پيراڻي به زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو۔ حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو بنگوار ۽ محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار جو نتيجو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو