ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ لڳ محمداڻي ۽ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، جنهن دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهرام بنگوار ۽ هڪ عورت قتل ٿي ويا مليل ڄاڻ موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد امام بخش لاڙو وٽ محمداڻي برادري جي هٿياربندن اوچتو هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ اندهاڌند فائرنگ ڪئي۔ فائرنگ جي نتيجي ۾ گهرام بنگوار ۽ هڪ عورت موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته حملا ڪندڙ هٿياربند فرار ٿي ويا۔ اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش کڻي اسپتال منتقل ڪيا، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا۔ لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند ٿي ويا، ڪنهن به وقت وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي۔ هوڏانهن واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي۔
